SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Attentive Public

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ətentiv
  • pʌblik
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Attentive Public

اَٽينٽِو پبلڪ

باخبر حلقا- بااثر حلقا

عام ِراءِ جي ڇيدڪاريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ هيءُ اصطلاح، عام طور تي پاليسيءَ جي جوڙجڪ ۾ رياست اندر علمي، ڳردار ۽ معلومات ڀريو رويو رکندڙ حلقي جي اهميت جي نشاندهي ڪري ٿو. هن حلقي ۾ سماج جو مٿيون حصو، جيڪو مملڪتي ڪاروبار هلائي ٿو، يا هيٺيون حصو (عوام) جنهن جو موقف ۽ رويو وقت بوقت تبديل ٿيندو رهي ٿو، شامل نه آهي. عام طرح سان مغربي ميڊيائي حلقا، اُن سان لاڳاپيل مضمون نويس، ڪالم نگار ۽ عوامي راءِ تي اثر انداز ٿيندڙ مُختلف فرد/ ادارا ”باخبر حلقا“ سڏجن ٿا. اهي حلقا گهرو توڙي پرڏيهي معاملن تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي، عوامي راءِ جوڙڻ ۽ عوامي راءِ کي حاڪم طبقن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. البت سندن پهچ ۽ تعداد محدود هُجي ٿو. خاص ڪري ڪن مبصرن جي راءِ آهي ته پرڏيهي يا رياستي معاملن ۾ مخصوص مفاد رکندڙ گروهه (Interest Groups) ۽ سياسي جماعتون فيصله سازيءَ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. پر ”باخبر حلقا“ بظاهر ان قسم جي دلچسپي نه رکندي به، فيصله-سازيءَ واري عمل تي شدت سان اثرانداز ٿين ٿا ۽ سياسي قيادت جي فراهميءَ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. مغربي مُلڪن يا خاص ڪري آمريڪا ۾ عوام طرفان سياسي معاملن ۽ پاليسي – سازيءَ واري عمل ۾ گهٽيل دلچسپيءَ کي ذهن ۾ رکندي، با خبر حلقا”طاقت جي مرڪزن“ تائين، نه رڳو عوامي خواهشن کي پهچائين ٿا، پر گڏوگڏ سندن راهنمائي ڪندي کين مُختلف مرحلن تي آسانيون به فراهم ڪن ٿا


Remember Me Also:

بگاڙث،بگاڙ

بگاڙو ، خرابي ، ڦيٽاڙو. ابتري ، خلل. تبديل. اَڻبڻت. بکيڙو ، جهيڙو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal